اعرابن سان:ٽَـڪو ج ٽَـڪا
]ا - مذ[ ٻن پئسن جي قيمت جو سڪو
* ]سن: ٽڪڪ[
اعرابن سان:ٽَـڪو ج ٽَـڪا
]صفت - مذ[ گدلو، گندو، ڪِنو، ميرو، بدبودار، بدمعاش، بد افعال، بي لڇڻ
* ]مث: ٽڪِي ج ٽڪيون[
اعرابن سان:ٽِـڪو ج ٽِـڪا
]ا - مذ[ ٽي گڏ، ٽن جو مجموعو
* تاس ۾ ٽن عددن وارو پتو
* چنهر راند ۾ ڪوڏين جي هڪ بيهڪ
* دهل، ڍولڪ، طبلي وغيره جي وَڄتِ ۾ ٽي ڀيرا سَم تي پهچڻ واري حالت، گر مڪائڻ، تِـهائي، تيئو
* ]سن: تر[
اعرابن سان:ٽِـڪو ج ٽِـڪا
]ا - مذ[ تلڪ، سينڌور، نرڙ تي سرمي سان ڪيل نشان
* ڳهه جو هڪ قسم (نِرڙ تي ٻڌڻ جو هڪ ڳهه)، ٽِڪڙو
* داغ، نشان، چٽو، ڪلنڪ
* بدنامي جو نشان
* ]سن: تِلڪ[
* وٽ، اِستنجو
اعرابن سان:ٽُـڪو ج ٽُـڪا
]ا - مذ[ چِير ُ، وڍ، ڇيهه، ٽڪ ُ
* ٻنيءَ ۾ پاڻي وهائڻ لاءِ ٻاري کي ڏنل وڍ ُ
* بيماري (ماتا وغيره) کان بچاءُ لاءِ ٻانهن کي چير ڏيئي دوا داخل ڪرڻ، بيماريءَ ۾ لڳندڙ سئي، نشتر، Injection
* ڏاڙهي لاهڻ دوران تڪڙ ۾ هلايل بليڊ جو گھاو (جنهن ڪري کاڏيءَ مان هلڪو خون نڪري پوندو آهي)
اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal