SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ٻِه- طرفي حمايت واري پرڏيهي پاليسي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ٻِه- طرفي حمايت واري پرڏيهي پاليسي

Bipartisan Foreign Policy

باءِ پارٽيزن فارين پاليسيِ

ڪنهن به مُلڪ جي جوڙيل اهڙي پرڏيهي پاليسي ، جنهن کي هڪ ٻئي جي مخالف ٻنهي سياسي ڌرين جي ساڳي وقت حمايت حاصل هجي. هيءُ اصطلاح خاص طور تي ٿڌي ويڙهه (Cold war) دوران آمريڪي پرڏيهي معاملن جي سيڪريٽري جارج مارشل جي پرڏيهي پاليسيءَ لاءِ استعمال ٿيندو هو. ڇاڪاڻ ته سندس پاليسيءَ کي آمريڪا جي ٻنهي روايتي سياسي حريف پارٽين يعني Democrats ۽ Republicans جي حمايت حاصل هئي. اهي پارٽيون مارشل جي پرڏيهي نيتيءَ کي گڏيل قومي مفاد جي ترجمان سمجهنديون هيون. اِن پاليسيءَ تحت ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي آمريڪي صدر هيري ٽرومين کي ڪانگريس جي اڪثريتي ڌُر ريپبلڪن پارٽيءَ جي حمايت حاصل رهي


Remember Me Also:

لت لت ڪرڻ

لُتِ لُتِ ڪَرڻُ

هيڏانهن هوڏانهن اچڻ وڃڻ، گهر گهر هلڻ ، اجايو رلڻ، ناسُون هڻڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal