SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ٻُوڪَ


:جامع سنڌي لغات ۾

ٻُوڪَ

ٻوڪَ

ث. [سن. بُڪَ = شينهن جي گجگوڙ، ڪنهن به جانور جو آواز] ٻڪريءَ جي ٻيڪَ. رڙ. دانهن. بَڙَ بَڙ. ٻَڪر جو ٻڪريءَ سان لڳ ڪرڻ وقت آواز. وَهرُ ڪ. [سن. بُوڪ = دل] شوق ، خوشي ڪ. کوهه مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ اڌ سانداري ، ٻوڪو ڪ. ٿر ۾ جانورن جي هڪ بيماري جنهن ۾ چوپائي

ٻوڪُ جمع ٻُوڪَ

ذ. اوائلي ٻور. ڦُوهه. جوانيءَ جي ابتدا ”ٻالا پڻ جو ٻوڪ، ويو ويچاري وسري“ شاهه. وڏو آواز. وڏو سڏ. واڪو. دانهون ڪندڙ ماڻهو يا ٻڪر. ٻڪر جو ٻڪريءَ کي ڦرڻ وقت ڪيل آواز. صفت سن. وَرڪَرَ = ٻڪر، ڪم عقل] ڀُوڪ ، بيوقوف. گاهه جو هڪ قِسم ت.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


شيخ اياز لغت

ٻُوڪَ

ٻوڪٽَ، رَڙيُون، وڏيون دانھون، ڪوڪون، ٻِيڪاٽ.
ھي جي ڪن ٿا ٻوڪَ،ڏَري ساري ڏِيھه لئه.
(ڪَپر ٿو ڪن ڪري:253)
(2) بَمن جي برسات ۾، ڀَڳا، لِڪا لوڪ
رَڙو رَڙِ پئجي وئي، ڪنھن به نه ٻُڌا ٻوڪَ.
(ڪَپر ٿو ڪن ڪري:277)


ٻُوڪَ سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

پنو

مصدر. ”پڄڻ“ مان ماضي. پُڳو ، پهتو ، رسيو. پورو ٿيو. ث پني جمع پُنيون.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal