
ٻَنِي
اسم خاص. ٿر ۾ هڪ ڀِٽ جو نالو. ڪڇ ۾ هڪ خاص اراضيءَ جو نالو ”ڏاڏي آدم جي ٻني“.
ٻَنِي جمع ٻَنِيُون
ث. [سن. ١. وَنِي = ننڍو ٻيلو؛ ٢. ڀُومَ = زمين] پوکيل زمين ، کيتي ، کيٽ ، پوکِي راهِي ت. هَر ڪاهيندي ٻن اوڙن جي وچ ۾ رهيل زمين. برپٽ ۾ پاڻمرادو ڦُٽل وڻ ٽڻ ۽ ٻُوٽا ڪڇ.
ٻِنِي جمع ٻِنيُون
ث. بارگير وهٽ جي پُٺيءَ تي ٻَني مِثل ڊگهويا ٻٽو رکيل پِيڙهو ڳوڻ جي ڳوٿريءَ ۾ ڪک ۾ بُوسو ڀري ٺاهيل، يا پُراڻي ڪپڙي ۽ ليڙن وغيره مان ٺاهيل، جو گڏه يا گهوڙي جي پُٺيءَ تي رکجي ته بار لڏڻ سببان پُٺيءَ تي ڪو زخم نه ٿئي.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
گرامر noun
- اسم
cultivated land; farm; field
ٻَنِي سان لاڳاپيل لفظ
.
ٻَنِي بابت وڌيڪ اصطلاح
.
ٻَنِي لفظ جو عام استعمال
کاٽير
ذ. صفت. کاٽي کڻندڙ. کاٽڙيو ، کامڙيو ، ڪوڏاريو .
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal