SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ٻاٽَ


:جامع سنڌي لغات ۾

ٻاٽَ

ٻاٽَ

ث. گُگهه اونده. چانديءَ ۾ ملايل غير ، پَٽڪم ، مَٺُ. رُپي کي ماٺو ڪندڙ مِلاوٽ. سون، چانديءَ کي رجائڻ جي حالت. اِٽيءَ کي ڏڪر سان اُڇل.

ٻاٽِ جمع ٻاٽِيُون

ث. مکڙي. ڪِرڙ جي گُل جي مکڙي يا گَونچ ، ٻُور. ٻاٽِي. ٺاپِي پتن جي تاس کي. ڪوڙ گڏيل چاندي.

ٻاٽُ جمع ٻاٽَ

ذ. [سن. واٽَهه = اَن جو هڪ قسم] اَٽي جو ڇاڻ. پنبڻ يا ڪهڻي ڪڻڪ جو ڏارو. ڏريل اَن. چوپائي مال کي کارائڻ لاءِ ڪڻڪ، جوئر وغيره جو ٽهڪايل ۽ گولا ڪيل اٽو ڪ. صفت پانڌيئڙو ، واٽهڙو ، مسافر ڪ. [ٻاٽُ، ٻاٽي = گل جي مکڙي، نئون ٻُور، اصطلاحا ڳڀرو، نوخيز] ڳڀر

ٻاٽَ (ت)

اسم خاص. هڪ ذات جو نالو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


هارپ جي لغت مان:

ٻاٽَ

گهگهه اوندهه


ٻارن جي لغت مان

ٻاٽَ

گرامر noun

- اسم

darkness


شيخ اياز لغت

ٻاٽَ

گُگهه اوندھه، اونداھي، سياھي.
ڪنھن جا ٻھه ٻھه ٻول، ٻُريا ٻاھر ٻاٽَ ۾.
(ڪَپر ٿو ڪن ڪري:81)


.


ٻاٽَ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • ڪاري ٻاٽَ

  • Remember Me Also:

    ڇن قبول

    اسم خاص. تعلقي ساماري ۾ هڪ ديهه جو نالو.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

    ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal