SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ٻارِ


:جامع سنڌي لغات ۾

ٻارِ

ٻارِ جمع ٻاريُون

ث. [سن. ١. وارِ = پاڻي؛ ٢. ڀرَمهَ = ڪُن] درياء يا سمنڊ جو اهڙو هنڌ جتي پاڻي ڦيرو کائي کائي تمام اونهون ٿي ويو هجي ، اونهون ، اوڙاهه ”سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن“ شاهه. پاڻيءَ جي نارِ. سِيرَ پاڻيءَ جي. سنگن جو ڍڳ. اَن جو ڍڳ ، راهه تان تون کڻين ٻار، اَ

ٻارُ جمع ٻارَ

ذ. [سن. بالَ] ننڍڙو ڇوڪر يا ڇوڪري ، ٻالڪ ، ٻچو ، طفل. ابهم ، معصوم. نابالغ ڇوڪرو. بيعقل ، بي سمجهه ، مورک ، نادان. اَلهڙ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


هارپ جي لغت مان:

ٻارِ

پَٽَ جو صاف ٿيل ٽڪر، جتي سنگ يا ڪڻڪ جي وَلِ رکبي آهي


شيخ اياز لغت

ٻارِ

درياھه/ سمنڊ جو اھڙو ھنڌُ، جتي پاڻي ڦيرا کائي، اُن کي اونھو ڪري ڇڏيو ھجي. اوڙاھه، ڪُنُ.
چِڪَڻ چَپيٽِي، ٻيڙا ٻوڙيا ٻارِ ۾.
(جهڙُ نيڻان نه لھي:48)


ٻارِ سان لاڳاپيل لفظ


.


ٻارِ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • حلالي ٻار
  • حيضي ٻار
  • لوت ٻار
  • مچو ٻار
  • هٿن جو ٻار
  • ڪچو ٻار
  • گهر ٻار

  • .


    ٻارِ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    پير پڇڻ

    پيرن تي وڃي دعائون گهرڻ. بزرگن جي تلاش ڪرڻ. مراد حاصل ڪرڻ لاءِ روحاني حيلا وسيلا اختيار ڪرڻ.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

    ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal