بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Appeasement
اپيزمينٽ
تباهي آڻيندڙ خطري يا جنگ کان بچڻ خاطر مقرر اصولن کي پاسيرو رکي، ڪنهن علائقي يا ملڪ کي انهيءَ جي مرِضيءَ مطابق حق يا حصو ڏنو وڃي ته ان صورتحال کي تسلي ڏيڻ، دلاسو ڏيڻ يا سرچائڻ (Appeasement) طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ عمل جو وڏي ۾ وڏو مثال، ميونخ جو سرچاءُ (Munich Settlement) آهي. 30 سيپٽمبر 1938ع تي جرمنيءَ جي شهر ميونخ ۾ جرمنيءَ (نازي آمر ايڊالف هٽلر جي حرفتن سان) فرانس، برطانيا ۽ اٽليءَ جي وچ ۾ گهيريل مُلڪ چيڪوسلواڪيا کان ان جو علائقو سُڊيٽين لينڊ (Sudetenland) الڳ ڪرڻ جو معاهدو ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ ان علائقي کي هٽلر جي حڪومت حوالي ڪيو ويو. توڙي جو ايئن ڪرڻ برطانيا ۽ فرانس جي سياسي ۽ سفارتي مفادن جي خلاف هيو، پر جيئن ته انهيءَ مسئلي جي ڪري جرمنيءَ ۽ اتحادين وچ ۾ جنگ لڳڻ جا امڪان هئا، ان ڪري اِهو معاهدو ڪري، جرمنيءَ کي رعايتون ڏيئي، معاملي کي ٿڌو ڪيوويو. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ Appeasement کي ڪمزوري ۽ ”بزدليءَ جي نشاني“سڏيو ويو، پر آهستي آهستي بين الاقوامي تعلقات جي علم ۾ وسعت اچڻ سان Appeasment کي امن قائم ڪرڻ لاءِ لازم جز قرار ڏنو ويو
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal