بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Single Market
سنگل مارڪيٽ
هيءُ اصطلاح 1950ع وارن معاهدن جي نتيجي ۾ طئي ڪيل اصولن مطابق يورپي معاشي سرشتي جي حوالي سان استعمال ٿئي ٿو، جنهن کانپوءِ يورپي برادريءَ جو وجود عمل ۾ آيو ۽ اڳتي هلي 1980ع ۽ 1990ع وارن ڏهاڪن ۾ يورپي اتحاد جي سلسلي ۾ ٿيل تاريخي اڳڀراين جو سبب بڻيو. يڪ- منڊي جي ويچار جي حوالي سان گهڻو تڻو زور آزاد واپار جي واڌاري ۽ محصولن ۾ گهٽتائي آڻڻ سميت يورپي ملڪن جي گڏيل ڪرنسي قائم ڪرڻ جي حوالي سان به رهيو. عام طور تي منڊيءَ/پڙيءَ جي خال کي ”اندرين مَنڊي/مارڪيٽ“ (Internal Market) جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي، پر ”ٿڌي ويڙهه“ جي خاتمي کان پوءِ هاڻي ’گڏيل مَنڊي/مارڪيٽ‘ ((Common Market وارو اصطلاح يورپي ناتن مان تقريبن ختم ٿي چڪو آهي. ”مَنڊي/مارڪيٽ“ وارو خيال، اها ڳالهه چٽي ڪري ٿو ته يورپ معاشي ترقي ڪري ان ڏاڪي تي پهچي چُڪو آهي، جو اُهو هاڻي باقي دنيا سان هڪ ايڪي طور وهنوار ڪري سگهي ٿو
عبارت
ث. بيان ، مضمون. لکت ، تحرير. لکت جو نمونو ، لکڻ جي طرز ، لکڻي ، انشا. خط جي ايڊريس ، سرنامو.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal