بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Eurodollar
يورو ڊالرس
يورو ڊالر مختلف بئنڪن يا ٻين مالياتي ادارن ۾ رکيل آمريڪي ڊالرن جوا هو انگ آهي، جيڪي آمريڪا جي سرحدن کان ٻاهر رکيل آهن، ٻين لفظن ۾ يورو ڊالر آمريڪي ڊالرن جهڙو آهي پر ملڪ کان ٻاهر رکيل هئڻ ڪري ساڳيو ڊالر ملڪ کان ٻاهر پيل ڊالر سڏبو آهي، ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڊالر کي ايشيا جي مالياتي ادارن ۾ جمع ڪري رکيو ويندو ته ان کي ”ايشيائي ڊالر“ سڏبو . دراصل هن معاملي ۾ صورتحال انهيءَ ڳالهه تي به دارومدار رکي ٿي ته جمع ڪيل پئسا ڪٿي جمع ٿيل آهن ؟ ”يورو“ جو استعمال ڊالرن سان لاڳاپيل هجڻ ڪري ”يورو“ جي شڪل ۾ به ناڻو ٻاهرين ملڪن ۾ جمع ڪيو ويندو آهي ، پر ڊالر کي بنيادي حيثيت هجڻ ڪري يورو جي شڪل ۾ جمع ڪيل ناڻو به ”يورو ڊالرس“ سڏائيندو آهي ، تنهنڪري دراصل هڪ ملڪ طرفان ٻئي ملڪ ۾ جمع ڪري رکيل سندس رقم کي هن اصطلاح سان واضح ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوه آزاد پڙيءَ ۾ خريدار ۽ وڪڻندڙ جڏهن ملڪ کان ٻاهر ناڻي جي مٽا سٽا ڪندا آهن ته سندن ان عمل کي به هن اصطلاح ذريعي بيان ڪبو آهي.
ڳالهه هٿان وڃڻ
غفلت کان ڪم وٺڻ ، تِرتان گسڻ ، ٺهيل ٺڪيل ڪم بگڙي وڃڻ، من جي مراد پوري نه ٿيڻ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal