(Memoirs)
يادگيرون،در اصل ’آتم ڪٿائي ادب‘ ۾ اچن ٿيون. پر پوءِ به ٻنهي ۾ بنيادي تفاوت آهي. آتم ڪٿا ۾ ليکڪ جو مقصد پنهنجي زندگيءَ جو بيان ڪرڻ هوندو آهي. آتم ڪٿا جو هيرو خود ليکڪ هوندو آهي ۽ هو پنهنجي ارد گرد جي حالتن جو ايترو عڪس چٽيندو آهي جيترو خود انهن حالتن کان متاثر ٿيل هوندو آهي. يا هن حالتن کي اثر انداز ڪيو هوندو آهي. مگر يادگيرين ۾ليکڪ جو مقصد پنهنجي وقت جو مشاهدو لکڻ هوندو آهي. اتهاسڪار جي خارجي نظرئي کان هن جو نظريو الڳ آهي. يادگيرين ۾، ليکڪ جيڪو خود ڏسندو يا محسوس ڪندو آهي، اهو ئي لکندو آهي. ان ڪري هن جي لکت ۾هن جا آزمودا به اچي وڃن ٿا. ان نقطه نظر کان عبارت ۾ هو مضمون نگار جي ويجهو آهي. درحقيقت هو پنهنجي ڀوڳنا سان پنهنجي چؤگرد جي جيون جو سرجڻ ٿو ڪري. تاريخ نويس جيان هو محض بيان يا حقيقتون پيش ڪندڙ ناهي.يادگيرين ۾، ليکڪ جيڪڏهن پنهنجي باري ۾ وڌيڪ لکي ته هن جي لکڻي ”آتم ڪٿا“ جي ويجهو ۽ جيڪڏهن ٻين شخصن جي باري ۾ وڌيڪ لکي ته ”سوانح نگاري“ جي ويجهو ٿيندي.
.
يادگيريون بابت وڌيڪ اصطلاح
لڏائڻ
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal