SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وکرن جي مٽاسٽا يا مال جي عيوض مال


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


وکرن جي مٽاسٽا يا مال جي عيوض مال

Fungibility

فنجاءِ بلٽي

ڪنهن به ملڪ جي ٻئي ملڪ سان وکرن يا شين جي برابريءَ جي بنياد تي ڏيتي ليتي (Barter System) ڪرڻ جي سگهه کي جاچڻ کي Fungibility واري اصطلاح سان نرواريو وڃي ٿو. انهيءَ جو مثال بين الاقوامي تعلقات جي دائري ۾ رهندي هيئن سمجهيو وڃي ٿو ته جڏهن ڪو ملڪ ٻئي ملڪ کي ڪڻڪ يا تيل يا وري چانور ڏيئي موٽ ۾ پنهنجي ِضرورت واري ڪا شئي جهڙوڪ: ڪپهه، کنڊ يا ٿيندڙ فصلن چمڙو وغيره وٺي؛ يا جهڙي طرح پاڪستان ڪپڙي جون جنسون ڏيئي ٻين ملڪن کان ٽيڪنالاجي يا ضرورت جون ٻيون شيون وٺڻ جو معاهدو ڪندو آهي، ته انهيءَ ڏي وٺ کي ” Fungibility“ جو نالو ڏنو وڃي ٿو. موجوده دور ۾ ڏيتي ليتيءَ جي انتهائي لاڀائتن وکرن ۾ ڪچو تيل، ڪڻڪ، ميون جو رس، قيمتي ڌاتو ۽ قديم سِڪا وغيره اچي وڃن ٿا. اهڙي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ مُختلف مُلڪ گهربل مقدار/تعداد ۾ هڪ جنس ڏيئي ٻي جنس وٺن ٿا، ته کين واپار ۽ محصول ۾ ڪيتريون ئي سهولتون ملن ٿيون


Remember Me Also:

نميقو

نَمِيقو جمع نُمِيقا

ذ . (ع. نمِيقه) حرف، اکر، خط ، نوازش نامه.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal