SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وکرن جي معيار بابت بين الاقوامي تنظيم


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


وکرن جي معيار بابت بين الاقوامي تنظيم

IOS International Organization for Standardisation

انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار اسٽئنڊرڊائيزيشن

159 ملڪن تي ٻڌل هيءَ تنظيم، پيداواري عمل ذريعي، منڊيءَ ۾ ايندڙ وکرن جو معيار جانچڻ ۽ برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ 23 فيبروري 1947ع ۾ قائم ڪئي وئي. ان تنظيم ۾ دنيا جا سرڪار توڙي خانگي ادارا بهرو وٺن ٿا ۽ صنعتي يا واپاري حوالن سان بين الاقوامي معيارن تي عمل در آمد کي يقيني بنائڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. هن تنظيم جي نگرانيءَ هيٺ طئه ٿيل معيار، معاهدن ۽ قومي معيارن جي ذريعي، قانون جو روپ اختيار ڪرڻ کان پوءِ، بين الاقوامي سطح تي لاڳو ٿين ٿا. اليڪٽرانڪ انجنئيرنگ جي شعبي کان سواءِ دنيا ۾ جيڪا به صنعتي پيدوار ٿئي ٿي، اها هن تنظيم جي مقرر ڪيل معيارن مطابق پرکي وڃي ٿي. تنظيم جو مرڪز سئٽزرلئنڊ جي راڄڌاني جنيوا ۾ آهي


Remember Me Also:

لوٽ

لُوٽَ جمع لُوٽُون

ث . (سن لُسٽ= ڦُر) لُٽَڻُ واري حالت ، ڦُر، ڌاڙو، زبردستي، هٿ کَس ، لُوٽ ، ڦَرمار ، غارت، غنيمت، غارت گري، تاراج. يغما. عام بيماريءَ جو هڪ قسم.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal