SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وَلَهو


:جامع سنڌي لغات ۾

وَلَهو

وَلَهو جمع وَلَها

ذ . (سن. ولڀ= پيارو)سهڻو من مُهڻو. گهوٽ ، گهر وارو. پيارو، وڻندڙ، محبوب. (سن. ول)عمارتي ڪاٺ جو ڊگهو چورس منهن وارو لڪڙو (جو بيم جو چوٿون حصو ۽ سليپر جو اڌ ٿيندو آهي، ساڳئي نموني جو گول لڪڙو) ڇت جو داسو.

وِلِهو جمع وِلِها

ذ . (سن. ورهت) ڪنجوس، غريب، ڪنگال، تمام غريب. بي وارث، ڇڙوڇانڊ، جنهن کي گهر ٻار نه هجي. نڌڻڪو، غيباڻو، بي رونق، خالي. ”مري مَ ميهار، تان وٿاڻ ولهو مَ ٿئي“ (سر سهڻي، شاهه).

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ميون شاہ جي لغت

وَلَهو

گهوٽ، گهر وارو، وَرُ، محبوب.
ويچاريَ کي وَرُ، والي! ميڙِج وَلَهو. (س: ديسي،ف :2،ص248)
2. جي وارو نه ڏئي، ته پُڻ مھنجو وَلهو. (ض،ع، س: ليلا،د: 1،ص108)


وَلَهو

گهوٽ، گهر وارو، وَرُ، محبوب.


وَلَهو سان لاڳاپيل لفظ


.


وَلَهو بابت وڌيڪ اصطلاح

  • وَلهَا (ج)، وَلَهو

  • Remember Me Also:

    پڊ

    اسم خاص. سڪرنڊ ۽ ميرپور بٺوري تعلقي ۾ هڪ ديهه جو نالو.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

    جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal