SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


وَرَ


:جامع سنڌي لغات ۾

وَرَ

ڪوڪِرُ (ڪ)

ذ. شلوار جي پانچن کي هڻڻ لاءِ فِيتَ ، پانَڪَ ، پَٺِي. رلِي ٺاهڻ لاءِ ڪپڙي جي رنگين پَٽي.

وَر

اسم خاص. تعلقي ٺٽي ۽ تعلقي ميرپورخاص ۾ ديهن جا نالا. شهر جو نالو.

وَرِ

مدد، حمايت ، همراهي، همٿ، مددگاري.

وَرُ جمع وَرَ

ذ . (سن. وَرُ= مڙس چونڊڻ) مڙس، خاوند، گهوٽ، ڀتار، ڪانڌ. گهر وارو، مالڪ، والي. ڏِنگُ ڦِڏ، وڪڙ وٽ، پيچ، ڦير، ڦَندُ. واٽ، راهه. وِنگ، وراڪو، وٽُ، مَروٽ، مَروڙ، سَهٽُ، جهڪ، ولو، گهمتاري، چڪر، گردش. گيڙو، ڦيراٽي، وراڻو، ويڙهو، (تلاءُ جو)

وِرِ جمع وِرُون

ث . ڦَٽ جي اونهائي يا کَڏَ (ماس ۾)، اُهو ڦٽ، جو ماس کي اندر کان کائيندو وڃي. بعض ، کوٽ.

وِرُ

جبل جو سڃو ڀاڱو (جنهن ۾ پٿر ڪارا ۽ سنهيون سنهيون کانٽيون هجن، اُتي اُٺ جي لهه چڙهه لاءِ سخت ڏکيائي ٿئي).

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ھم معنى لفظن جي لغت

وَرَ

وَرَ

هڙُون، ڱريون


شيخ اياز لغت

وَرَ

ٽِيڙَ ڦِيڙَ، وَرَ وَڪَڙَ.
ڀٽائيءَ جو دڳ ٺيڪ آھي، اُن تي سِڌو ھلي آءُ، وَرَ وراڪا توکي ڪنھن اوڙاھه ۾ اَڙائيندا، جتان تون وري نڪري نه سگهندين!.
(سَرَ لوھيڙا ڳَڀيا :60)


وَرَ سان لاڳاپيل لفظ


.


وَرَ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اڳٺ جو ور
  • بار ور
  • بهره ور
  • دانش ور
  • درياهي وَرَ وڪڙَ- گھاوَ ڏنل وَرَ
  • سخن ور
  • نڪ ۾ ور
  • ور ور
  • وڏ ور
  • پيشه ور

  • .


    وَرَ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    بي قدر

    صف. [ف. بي + ع. قَدر] قيمت کان سواءِ. جيڪو قدر نه سڃاڻي ، ڳُڻ چور. ناشناس. پورو معاوضو نه ڏيندڙ. بيعزت.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

    ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal