بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Trade System
ٽريڊ سسٽم
ڪن به ٻه يا ٻن کان وڌيڪ رياستن جي وچ ۾ ٿيندڙ واپاري سرگرمين کي هن اصطلاح ذريعي بيان ڪري سگهجي ٿو. هن سرشتي جي شروعات اولهه يورپ ۽ بعد ۾ آمريڪا توڙي ايشيا ۾ ڪارخانيداري واري رُجحان کان پوءِ ٿي، جڏهن مُختلف قومن پنهنجن ڪارخانن ۾ ملڪي ضرورتن کان وڌيڪ سامان پيدا ڪرڻ شروع ڪيو. شروع ۾ ان سامان جي واپار مان مالي ۽ معاشي فائدا حاصل ٿيڻ لڳا، بعد ۾ واپار کي سياسي مُفادن جي پورائي لاءِ به استعمال ڪيو ويو، موجوده واپاري سرشتي جا بُنياد ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ فرانسيسي انقلاب کان پوءِ پيا. سترهين ۽ ارڙهين عيسويءَ ۾ يورپ ۾ ” صنعتي انقلاب“ اچڻ کانپوءِ برطانيا، فرانس، اٽلي، اسپين، پوروچوگال ۽ جرمني وغيره سميت سموري خطي ۾ ضرورت کان وڌيڪ صنعتي پيداوار ٿيڻ لڳي.انهيءَ تسلسل ۾ آمريڪا ۽ بعد ۾ ايشيا جي ڪافي ملڪن ۾ پڻ صنعتن جو قيام عمل ۾ آيو. ساڳئي وقت يورپ ۾ فرانس مخالف روين ۾ وڏي تبديلي آئي. انهن ڳالهين کي سامهون رکندي صنعتن مان حاصل ٿيندڙ اضافي پيدوار ۽ تمام وڏي مقدار ۾ ٺهندڙ وکرن کي انهن ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪرڻ جو سوچيو ويو، جن کي اهڙن وکرن جي طلب ۽ ضرورت هئي. انهيءَ صورتحال جي نتيجي ۾ 1914ع ۾ بين الاقوامي سطح تي هڪ منظم واپاري سرشتو عمل ۾ آندو ويو، جنهن تجارتي معاملن بابت هڪ منظم ڍانچو فراهم ڪيو. جڳ مشهور سياسي محقق پروفيسر ” ڪي والٽز“ مطابق ارڙهين ۽ اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ دنيا ۾ جيڪي به تجارتي ضابطا موجود هئا، انهن تي ڪونه ڪو هڪ ملڪ ضرور حاوي هوندو هو، جنهن جي ڪري مختلف قسمن جون ڇڙواڳيون ۽ زيادتيون سامهون اينديون هيون. ان حوالي سان 1914ع وارو ”ٽريڊ سسٽم“ ماضيءَجي واپاري سرشتي کان بهتر ته هو، پر پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي ڪري هي سسٽم جٽاءُ نه ڪري سگهيو. 1914ع ۾ پهرين عالمي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ سرشتي جي بُنيادن کي لوڏو اچي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ معاشي ٻاڙائيءَ ڪر کنيا. اها ٻاڙائي تيستائين برقرار رهي ،جيستائين 1950ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا عالمي واپاري سرشتي کي نئون موڙ ڏنو ۽ عالمي واپار کي وڏي هٿي ملي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا آمريڪي ۽ ايشيائي مُلڪ نئين واپاري سرشتي جو حصو بڻجي ويا.
ٻي عالمي جنگ کانپوءِ 1950ع جي ڏهاڪي دوران خاص ڪري جڏهن صنعتي ميدان ۾ يورپ کان علاوه ٻيا ملڪ به اچي چڪا هئا ، ته اهڙي صورتحال ۾ هڪ مستقل ۽ جامع تجارتي نظام جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، جيڪو واپاري شعبي جي مڙني ضرورتن کي پورو ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ 1945ع ۾ سڏايل مشهور ميڙ ”بريٽن ووڊ ڪانفرنس“ جي دوران ٽين دنيا جي ملڪن جي ضرورتن ۽ مسئلن کي محسوس ڪندي، هڪ متحرڪ واپاري اداري جي قيام جي تجويز ڏني ويئي. ان تجويز جي روشنيءَ ۾ عالمي سطح تي جديد طرز جي واپاري سرشتي جو قيام عمل ۾ آڻيندي، ”انٽرنيشنل ٽريڊ آرگنائيزيشن (ITO) جو بنياد وڌو ويو، پرڪن سياسي مصلحتن جي ڪري اهو ادارو ڪامياب نه ٿي سگهيو. ان هوندي به جلدئي ٻيهر ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ڪندي، جنرل ايگريمينٽ آن ٽيرفس ائنڊ ٽريڊ“ (GATT) جي نالي سان هڪ زبردست عالمي واپار جو بنياد ته پيو، پر آمريڪا طرفان واپار جي سلسلي ۾ اولهه يورپ سان گهربل ۽ مناسب سهڪار نه هجڻ ڪري، GATT به جٽاءُ نه ڪري سگهيو. 1960ع دوران ”يونائيٽڊ نيشنز ڪانفرنس آن ٽريڊ اينڊ ڊولپمينٽ (NUCTAD) منعقد ٿي، ته انهيءَ ۾ ”ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن (WTO) جو بنياد پيو. موجوده دور ۾ WTO هن وقت تجارتي سرگرمين جو دنياجو سڀ وڏو ادارو آهي. (باقي ڏسو GATT )
.
واپاري سرشتو بابت وڌيڪ اصطلاح
زيل ۽ بم
ذ. هيٺ ۽ مٿي ، زيرو بَم. ساز جو آواز ، دهل جا ٻئي پاسا.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal