SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


هٿياربندي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


هٿياربندي

Armament

آرمامينٽ

بين الاقوامي تعلقات ۾ رياستي/قومي مفادن جي بچاءَ لاءِ هٿيار هٿ ڪرڻ ۽ ٺاهڻ وڏي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ جو انهيءَ عمل سان هر رياست پنهنجي سلامتيءَ کي يقيني بڻائي سگهي ٿي. پر انهيءَ ميدان ۾ جڏهن ڪي به ٻه ڌريون پاڻ پسارڻ کي اهميت ڏيڻ لڳن، ته هٿياربندي ڪنهن زبردست چٽا ڀيٽيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. ان ڊوڙ ۾ شامل مُلڪ مڙني سياسي توڙي اخلاقي حدن کي اورانگهڻ لڳن ٿا. اهڙي ڀڃڪڙيءَ جي نتيجي ۾ اهي هٿيار ٺاهڻ جي جُنون ۾ وٺجي وڃن ٿا. هيءُ اصطلاح نازي جرمنيءَ جي هٿياربنديءَ ۽ بعد ۾ سوويت يونين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هٿيارن ٺاهڻ جي ڊوڙ ڪري مشهور ٿيو. هن وقت دنيا ۾ آمريڪا، برطانيا، فرانس، روس ۽ اسرائيل هٿيار جوڙڻ ۽ وڪڻڻ وارا وڏا ملڪ ڳڻيا وڃن ٿا


Remember Me Also:

ڏنهن

ذ. ڏينهن.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal