SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


هيرَ


:جامع سنڌي لغات ۾

هيرَ

هِيرَ جمع هِيرُون

ث . (ع). ٿڌي هوا، وڻندڙ هوا، ٿڌڙي هوا. سج اڀرڻ کان اڳ واري هوا، مِينهن کان پوءِ لڳندڙ هوا. ڏکڻ جي ٿڌي هوا، تر جي ٿڌي هوا. (صفت). سهڻي، حسين، خوبصورت، وڻندڙ.

هيرَ جمع هيرُون

ث . عادت، رَءُ ، گَت، عِلت، چشڪو. اڳيون دستور. استعمال.

هيرَ

ظرف. هِيار، هاڻي، هَينئر. هن وقت.

هَيِرَ (ڪ)

ظرف. هِينئَر، هِن وقت، هاڻ، هاڻي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


هارپ جي لغت مان:

هيرَ

عادت


ھم معنى لفظن جي لغت

هيرَ

هيرَ

هينئر يا هاڻِ يا هاڻي، عادَتَ


شيخ اياز لغت

هيرَ

پنجاب جي ھڪ لوڪ داستان ’ھير رانجهو‘ جي نائڪه.
رانجهوءَ وِنجهلي ڏانھن نھاريو/ ڪير چوي ٿو ھيرَ مُئي.
(ڪُلھي پاتم ڪينرو:27)


هيرَ

ھينئر، ھيلَ، ھن سال.
ڪونڌر ڪوھستان جا، مون جي ڏٺا ھيرَ/ اھڙا آءٌ نه وِسھان.
(جهڙُ نيڻان نه لھي:136)


هيرَ سان لاڳاپيل لفظ


.


هيرَ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اڻ هير
  • ٿڌي هوا- هيرَ

  • .


    هيرَ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    خليفو

    ذ. صفت. [ع. خَلِيفَه < خَلَفَ = هو پوءِ آيو] ڪنهن کانپوءِ ايندڙ ، ولي عهد ، قائم مقام ، جاءِ نشين بادشاهه وغيره جو بدران آيل يا بدران موڪليل ، عيوضي ، نائب. الله تعاليٰ جي طرفان ملڪ جي حڪومت هلائيندڙ ، خدا جو نائب. پرپٺ ڪم ڪندڙ ، مددگار ، واهرو ، سهايَڪ

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

    ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal