بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Policy
پاليسي
پاليسي ڪنهن به رياست يا ڌُر طرفان اڳواٽ ڳڻ ڳوت ٿيل ۽ سياسي دانشمنديءَ تحت طئه ٿيل اهي راهنما اصول يا باضابطا روش آهن، جيڪي ڪنهن به ٻيءَ ڌُر سان واسطيداريءَ ۾ ايندي اختيار ڪيون وڃن ٿيون. اهڙي طرح چئي سگهجي ٿو ته ”پاليسي“ دراصل ڪنهن به فيصلي تي عمل درآمد جي سلسلي ۾ طئه ٿيل طريقوآهي، جيڪو فيصلا ڪرڻ ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ لاڳاپيل ڌُر کي بُنيادي ڍانچو فراهم ڪري ٿو. ڪا به ”پاليسي“ طئه ڪرڻ لاءِ مشورن، تجويزن ۽ تصديق ٿيل اطلاعن جو جائزو وٺڻو پوي ٿو. عام طرح سان پاليسي کي ڪنهن به اداري جي اعليٰ اختياراتي فورم يا مشاورتي مجلس يا حڪومت جي اهم پاليسي ساز اداري ”ڪابينا“ طرفان لاڳو ڪيو ويندو آهي. ”پاليسيءَ“ ذريعي ڪنهن به فورم جي بنيادي مقصد يا بنيادي پروگرام، منشور يا خاڪي کي تصور ڪيو ويندو آهي. ان لاءِ هر لاڳاپيل ڌُر پنهنجن پاليسين لاءِ پاڻ ذميوار هوندي آهي
ڏيوين لڳڻ
ٺهي بيهڻ ، ٺهڪي بيهڻ سيبائڻ ، شان وٽان هجڻ ، ڀانءِ پوڻ ، وڻڻ ، پسند اچڻ. قبول ڪرڻ ، مڃڻ ، اقرار ڪرڻ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal