
ڦلواڙي (سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون) ۾:
نوشهروفيروز ضلعي جي ڊڀرو شهر جي سيد گهراڻي جو وڏو آندل شاهه وڏي حشمت ۽ ڏيا وارو هو. هن کي دُهلاري مـڱڻهارن کان چِڙ هئي ۽ کين ڳوٺ ۾ اچڻ به ڪو نه ڏيندو هو. هڪ ڀيري هو ڳوٺ کان ٻاهر ويل هو، سو نوڪرن هڪ دُهلاري مسافر کي اوطاق ۾ وِهاريو ۽ ڏيڍيءَ تي ماني چئي ان وچ ۾ اوچتو ڪنهن دانهن ڪئي ته آندل شاهه موٽيو پيو اچي. اهو ٻڌي دُهلاري ڊپ ۾ دهل سوڌو اوطاق جي سوڙهي دريءَ مان ائين ڀڳو جو ويٺل حيرت ۾ پئجي ويا. ان ڪري، ته دريءَ مان ماڻهوءَ جي لنگهڻ جي جاءِ مس هئي، ان کان پوءِ اها چوڻي مشهور ٿي. مثال: ”ناهي جُوئر جوءِ ۾، جو رَهو ٿو رانديون ڪري.“ (پهاڪن جي پيڙهه 34)
سومهڻي
ث. رات جو سمهڻ وارو ٽاڻو ، سانجهيءَ کان بعد وارو وقت ، عِشا ، سَنجهو ، سُتي لوڪ ، سُومهياڻي ، سُوهمياڻي ، سُمهاڻي ، سهُماڻي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal