بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Apartheid Policy
اپارٿئيڊ پاليسي
1930ع ۾ South African Bureau for Racial Affairs (SABRA) طرفان استعمال ٿيل هن اصطلاح جي لغوي معنيٰ آهي، ”نسلي تفاوت، متڀيد يا فرق“. انهيءَ پاليسيءَ جو بنياد 1921ع ۾ فيلڊ مارشل اسمٽر ڏکڻ آفريقا ۾ وڌو، جنهن مطابق گورن ۽ ڪارن درميان مڪمل سياسي ۽ سماجي فرق کي قانوني شڪل ڏني وئي. ان قانون ٺهڻ کان پوءِ ڪارن کان سندن اباڻيون زمينون کسيون ويون ۽ انهن سان جانورن وارو ورتاءُ اختيار ڪيو ويو. هيءُ سرشتو 1948ع کان 1994ع تائين عمل ۾ رهيو. ان سلسلي ۾ 1950ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ قابض گورن جي نيشنل پارٽيءَ جي حُڪومت پاران ”گروپ ايرياز ايڪٽ“ پاس ڪيو ويو، جنهن مطابق ملڪن جي سموري آباديءَ کي ٽن حصن يعني گورن، ڪارن، رنگدار (ايشيائي آبادي) حصن ۾ ورهايو ويو ۽ رنگدار توڙي ڪارن تي غيرانساني پابنديون مڙهيون ويون. 1991ع ۾ نيلسن منڊيلا جي قيادت ۾ ڏکڻ آفريقي عوام جي نمائنده پارٽي ”آفريقي قومي ڪانگريس“ (ANC) جي جدوجهد سان انهيءَ سرشتي جو خاتمو ٿيو. هيءُ تصور سياسي اصطلاح طور 1943ع ۾ پهريون ڀيرو استعمال هيٺ آيو، جڏهن ته ان جو بڻ بڻياد سترهين صديءَ عيسوي کان به اڳ جو آهي
نجس
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal