SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


نئون ٺاهه - نئين حڪمت عملي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


نئون ٺاهه - نئين حڪمت عملي

New Deal

نيوڊيل

فرينڪلن ڊيلينو رُوز ويلٽ 1933ع کان 1945ع تائين آمريڪا جو صدر رهيو. امن جي زماني ۾ هن جي نيتين کي ”نئون ٺاهه“ جو نالو ڏنو ويو. انهن نيتين جو مقصد 1929ع ۾ زبردست معاشي بحاليءَ (Great Depression) جي روپ ۾ ٿيل اهڙن سياسي ۽ معاشي هاڃي جي اثرن کي ختم ڪرڻ هو، جنهن لکين آمريڪين کي بيروزگاري ۽ بدحاليءَ جي جهولي ۾ اڇلايو. صدر روز ويلٽ اهو اصطلاح سڀ کان پهريائين ڊيموڪريٽڪ جماعت پاران صدارتي چونڊ لاءِ سرگرمين مهل پنهنجي تقرير ۾ 1932ع ۾ استعمال ڪيو. ان پروگرام مطابق ملڪ مان بيروزگاريءَ جو خاتمو ڪرڻ، صنعت کي فروغ ڏيڻ، زراعت، واپار ۽ ٽرانسپورٽ کي بهتر بنائڻ، ۽ ٻيا ڪيترا ئي پروگرام شروع ڪرڻ هيو.هن پاليسيءَ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کي وڏي سگهه بخشي ۽ اُها چونڊن کان پوءِ ايوان توڙي اقتدار ۾ اڪثريت حاصل ڪري وئي.


Remember Me Also:

ابن الهيثم

اسم خاص. ابو علي الحسن ابن الهيشم، علم المناظر درشٽي وديا، اکين جو علم جو وڏو ماهر، پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن سان ڪيترائي غلط خيال درست ڪيائين.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal