
بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Major Groups
ميجر گروپس
گڏيل قومن جي ماحوليات ۽ ترقيءَ بابت ڪوٺايل 1992ع واري ڪانفرنس ۾ اُهي غير سرڪاري ڌُريون جن جي ”پارٽيسپيٽري ڪميشن“ جي اجلاس ۾ سماج جي عنصرن طور سڃاڻپ ڪئي وئي ، ان ۾ هيٺيان 9 گروپ شامل آهن ، جن ۾ عورتون، ٻار، نوجوان، اصلوڪا رهواسي ، اين جي اوز، مقامي اختياريون ، پورهيت ، سوداڪار ٽريڊ يونينون ، واپاري ۽ صنعتي حلقا ، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي سان واسطيدار برادري ۽ هاري اچي وڃن ٿا. اهي گروپ عالمي سطح تي پاليسيون جوڙڻ واري عمل ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ سماج جي مختلف پرتن جي خواهشن ۽ ضرورتن جي ترجماني ڪن ٿا