SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مَتو


:جامع سنڌي لغات ۾

مَتو

مَتو جمع مَتَا

ذ . (سن. مَتَم= اصول) مت، قاعدو، قانون، اصول ، طريقو، پِرماڻ. رايو، راءِ ، خيال، ويچار، مقصد. وشواس، اعتبار، ويساهه، پتِ. شرڌا، صِدق، ايمان، يقين ، پڪ ، نشچو. عقيدو. دستور، رواج، رسم، ريت، خوءِ ، پَرِ، هلي چلي، مرجاتا، وتيرو، ليُڪو

مُتُو

اسم خاص. سومرن جي قبيلي جو نالو

مُتُو جمع مُتَا

ذ . صفت. قد ۾ ڇوٽو پر بت ۾ ڀريل، ڏٽو مُٽو، دِمِي، گهُگهٽي، ڊينبو. بَٽو، جَٽو، زَٽو. مُٽڪو، ڌڱُ، چؤبُڪو، سَڀر، دنبو. (ذ). روشني لاءِ ڏنڊي جي چوٽيءَ تي ويڙهيل اڳڙين جو مچو (جنهن کي تيل ۾ ٻوڙي ٻاري سگهجي). ڏِياٽُ. سار جو هڪ قسم. هڪڙي

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ٻارن جي لغت مان

مَتو

گرامر noun

- اسم

principle; law


ھم معنى لفظن جي لغت

مَتو

مَتو

ٿلهو ٿيو يا متارو ٿيو، ڀَريو، عروج تي پهتو، ڪاوڙيو


شيخ اياز لغت

مَتو

جُوش ۾ آيو، مَست ٿيو.
آ چوڌاري مھراڻ مَتو، جنھن جو نه پَھي، جنھن جو نه پَتو.
(وِڄون وَسڻ آئيون:79)


مَتو سان لاڳاپيل لفظ


.


مَتو بابت وڌيڪ اصطلاح

  • برزنيف جو مَتو
  • نظريو- مَتو
  • هڪ متو

  • .


    مَتو لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ڌوڙ پائڻ

    خراب ڪم ڪرڻ ، بڇڙائي ڪرڻ. ڏوهه ڪرڻ. بدفعلي ڪرڻ.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

    ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal