بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Buffer State
بَفَر اسٽيٽ
هڪ اهڙي ننڍي رياست جيڪا ٻن طاقتور رياستن جي وچ ۾ هجي، ته ٻئي طاقتور طاقتون ڪنهن علائقي ۾ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍي رياست کي ڍال طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. ننڍي رياست جي وچ ۾ هُئڻ ڪري پيدا ٿيل انهيءَ زميني وڇوٽيءَ سبب ٻئي جهيڙيندڙ طاقتون هڪٻئي کان پري هجڻ ڪري هڪٻئي تي سڌا حملا نه ڪري سگهنديون آهن. ان حڪمت عمليءَ تي عمل ڪندي، ائٽمي طاقت بنجڻ کان پوءِ آمريڪا پاڪستان تي هٿ رکي، افغانستان اندر پنهنجون اثر وڌائڻ گهريو ته جيئن سوويت يونين جي والار واري سوچ کي ان جي سرحدن اندر محدود رکي سگهجي. اهڙي طرح افغانستان جو مُلڪ آمريڪا جي اتحادي پاڪستان ۽ والار ڪندڙ سوويت يونين جي وچ ۾ ”بفر رياست“ بڻيو رهيو. ان کان اڳ افغانستان جو مُلڪ سوويت يونين ۽ برطانيائي هندوستان جي وچ ۾ ٿيندڙ ڇڪتاڻ دوران به ساڳي حيثيت ۾ رهيو هو. افغانستان جيان آرمينيا، هنگري، منگوليا، پولئنڊ، اُترڪوريا ۽ بيلجيم سميت ڪيتريون ٻيون رياستون به مُختلف مرحلن ۾ ”بفر“ رياستون رهيون آهن
شريڪ ڪرڻ
شامل ڪرڻ ، گڏڻ ، ملائڻ ، ڳنڍڻ. حصيدار بنائڻ ، ڀائيوار ڪرڻ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal