SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


منهنجي جدوجهد


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


منهنجي جدوجهد

Mein Kamph

مين ڪيمف

جرمنيءَ جي آمر ’ايڊالف هٽلر‘ جي لکيل هن ڪتاب کي ”نازي پارٽيءَ جو انجيل“ سمجهيو ويندو آهي. 1923ع ۾ جڏهن هٽلرکي جرمنيءَ جي شهر برلن جي شرابخاني ۾ خوني انقلاب (Bearhall Putsch) آڻڻ جي الزام هيٺ جيل ۾ وڌو ويو، ته هن جيل ۾ سزا ڪاٽيندي ”مين ڪيمف“ جي عُنوان سان آتم ڪٿا لکي. هن ڪتاب ۾ هٽلر پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ۽ جرمنيءَ کي عظيم طاقت بڻائڻ جي حوالي سان پنهنجي نظريي بابت تفصيلي بحث ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ئي هٽلر جرمن قوم کي دنيا جي عظيم قوم ۽ يهودين کي سندس ازلي دشمن قرار ڏنو آهي، هٽلر جي حڪومتي دور ۾ هن ڪتاب جون لکين ڪاپيون وڪاميون. ڪتاب جو پهريون جُلد 1925ع ۽ ٻيون 1926ع ۾ ”فرانز ايمر“ اداري طرفان شايع ٿيو، جنهن جي مالڪ ئي ڪتاب جو مٿيون نالو تجويز ڪيو هو


Remember Me Also:

مراڻي

مَراڻِي

اسم خاص. مزاري بلوچن جو هڪ قبيلو (رستماڻين جي شاخ).

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal