
بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Negative Peace
نيگيٽوِ پيس
ناروي جي عالم John Gaulting (جان گالتنگ) طرفان استعمال ڪيل هي اصطلاح ”امن ۽ تڪرار جي اڀياس“ بابت سندس سوچ جو حصو آهي. ان سوچ مطابق هيءَ اهڙي صورتحال آهي، جنهن ۾ تڪراري ڌُرين طرفان جنگ ۾ تشدد ۽ هٿيارن جو استعمال ختم ڪري عارضي طور جنگ بند ته ڪئي وئي هُجي، پر تڪرار اڃا مڪمل ختم نه ٿيو هجي. ڇاڪاڻ جو امن جو هڪ مطلب مڪمل تڪرار جو خاتمو نه پر تشدد جي هر قسم کان پرهيز پڻ آهي، جيئن ته هن صورتحال ۾ جنگ نه هُئڻ باوجود تشدد جي ٻيهر ڀڙڪڻ جا امڪان موجود آهن، تنهنڪري اُن کي ”منفي امن “ چئبو آهي.
بيخود
صفت. [ف] پنهنجو پاڻ وساريندڙ. پاڻان ڌار ”بيخود هلج بر ۾، آءٌ ٿو چُئان ايئن“ شاهه. آپي کان ٻاهر. بيهوش. بدحواس.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal