بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Devaluation
ڊي وئليوئيشين
هي هڪ معاشي قدم آهي، جنهن ذريعي ڪا به رياست وکرن/ خدمتن جي مقابلي ۾ پنهنجي سڪي جو ملهه گهٽائي ڇڏي ٿي. ايئن ڪندي، کيس گهربل، اڻ ٽر ۽ ضروري وکرن/ خدمتن جي حاصلات ممڪن ٿئي ٿي. اڄوڪي دُنيا ۾ هي اصطلاح گهڻي قدر مُختلف مُلڪن جي وچ ۾ ناڻي جي مٽاسٽا واري عمل دوران هڪ سڪي جي ٻئي سڪي سان ٿيندڙ ڪَٿ ، قدر ۽ ميل کي واضع ڪري ٿو. جنهن مُلڪ جي مجموعي پيداوار، ڪُل آمدني ۽ ٻاهرين دُنيا سان واپار بهترهوندو، ان مُلڪ جي سڪي جو قدر به وڌيڪ ٿيندو. ان جي اُبتڙ جڏهن حڪومتن بدران فرد يا ادارا ناڻي جي مٽاسٽا دوران خانگي طور ڪنهن مُلڪ جي سڪي جو قدر ڪيرائي ڇڏين، ته ان کي به ”مُلهه ۾ گهٽتائيءَ“ (Depriciation) جي حوالي سان سُڃاتو ۽ سمجهيو ويندو آهي
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal