SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


معاملو مُنجهائي رکڻ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


معاملو مُنجهائي رکڻ

Stalemate

اسٽيلمئٽ

اهڙي صورتحال جنهن ۾ ٻه تڪراري ڌريون جڏهن جهيڙي لاءِ بلڪل تيار هجن ۽ ٻئي ملڪ ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ راضي نه ٿين ، ته اهڙي صورتحال کي شَههُ ڏيڻ ، زچ يا عاجز ڪرڻ (Stalemate) چيو وڃي ٿو. ايئن به ٿيندو آهي ته هڪ طاقتور ملڪ پاڻ کان ٿوري ڪمزور ملڪ کي ڪنهن معاملي تي ايترو سوڙهو ڪري وجهي ، جو ٻيو مُلڪ ٻي ڪا واٽ نه لهندي پهرئين مُلڪ سان مهاڏو اٽڪائي. ان صورتحال جي نتيجي ۾ ٻئي مُلڪ جهيڙي لاءِ تيار ٿي ويندا آهن . اهڙي اُگري صورتحال ۾ ڪو بين الاقوامي ادارو يا اڻ- ڌُريو مُلڪ وچ ۾ پئي ڳالهين ٻولين سان ٽڪراءُ ختم ڪرائي ، تڪراري ڌُرين ۾ هڪٻئي مان هٿ نه ڪڍڻ (Stalemate) واري ڪيفيت جو خاتمو ڪندو آهي . هي اصطلاح شطرنج جي راند مان کنيل آهي


Remember Me Also:

ڀيڄ

ث. [ڀِڄَڻَ = پُسڻ < ڀيڄ] ڀِڄڻ جي حالت ، نمي آلاڻ ، پوسل. ريجُ ”موٽي مانڊاڻن جي، ڀري ڪيائين ڀيڄ“ شاهه. رات جو اهو حصو جنهن ۾ ماڪ سبب پوش ۽ ٿَڌڪار محسوس ٿئي ، اَسُر جو وقت ، پرڀات ”ڀنيءَ جي ڀوُڻن، تن جو ڀيڄ ڀُڻڪو نه سُڻيان“ شاهه. روانگي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal