SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


محدود رکڻ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


محدود رکڻ

Cordon Sanitaire

ڪوروڊون ساني تيئر

فراانسيسي ٻوليءَ جي هن اصطلاح جي لغوي معنيٰ ’ بدبوءِ کي بند رکڻ آهي‘، جنهن جو مطلب گندگي يا مرض کي حدن اندر قيد رکڻ آهي. ساڳي طرح سياست ۾ ان جو استعمال ڪنهن خاص نظريي يا موقف کي چوطرف پکڙجڻ کان روڪڻ ۽ رواجي جمهوري قدرن کان ٻاهر ٿيندڙ چرپر کي محدود ڪرڻ آهي. 1919ع ۾ فرانس جي وزيراعظم Georges Clemenceau ( 1841-1929ع ) سوويت يونين ۽ سندس سياسي فڪر کي حدن اندر قيد رکڻ جي صلاح ڏيندي هي اصطلاح استعمال ڪيو. چيو ته ڪميونسٽ نظريي کي اولهه يورپ جي سرحدن اندر مداخلت نه ڪرڻ کپي. ان سلسلي ۾ هن سوويت يونين آڏو ڪنهن اهڙي ”مهاڙ واري رياست“ جوڙڻ تي زور ڏنو، جنهن منجهان لنگهندي ڪميونسٽ نظريو پنهنجي شدت وڃائي ويهي. ڪن مبصرن جو چوڻ آهي ته يورپ ۾ ”ٿڌي لڙائيءَ“ جي شروعات، انهيءَ پاليسيءَ سان ئي ٿي چڪي هئي


Remember Me Also:

تيمارداري

ث. [ف] بيمار جي خدمت ۽ همدردي ، ٽَهل ، چاڪري. علاج.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal