SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مارشل رٿا


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


مارشل رٿا

Marshall Plan

مارشل پلان

ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ تباهه ٿيل يورپ جي اقتصادي حالت بهتر بنائڻ لاءِ آمريڪا جي پرڏيهي وزير، جارج مارشل جون 1947ع ۾ هڪ ترقياتي رٿا (1947ع-1951ع ) پيش ڪئي، جيڪا ”مارشل پلان“ جي نالي سان مشهور ٿي. ان رٿا مطابق آمريڪا مغربي يورپ کي ان شرط تي امداد مهيا ڪئي ته يورپ ۾ نئين سر تعمير لاءِ شروعات ڪندي، ابتدائي مرحلي ۾ اولهه يورپ جا ملڪ هڪٻئي سان واپار ۾ مقابلو ڪرڻ بدران صنعتي ترقي، واپار ۽ ٻين شعبن ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪندا. ان کان علاوه هن رٿا جو مقصد يورپ کي سوويت ڪميونزم جي اثر کان بچائڻ ۽ ان کي اقتصادي طور سگهارو بنائڻ هيو. ان سلسلي ۾ اولهه يورپ جي 16 ملڪن کي اربين ڊالر آمريڪي امداد ڏني وئي. ان رٿا جي خاتمي ( 1952ع) تي يورپ جي معاشي ترقيءَ جي سطح ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان به بهتر پوزيشن تي اچي ويئي .جيتوڻيڪ ساڳئي قسم جي سهائتا اوڀر يورپ جي ملڪن ۽ سوويت يونين کي به آڇي ويئي پر انهن پاران قبولڻ کان انڪار ڪيو ويو ۽ انهن گڏجي هن رٿا جي شديد مخالفت ڪئي


Remember Me Also:

چاپوٽيوچاپوٽيا

ذ. صفت. بدچال. گِلا خور. ليلائيندڙ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal