SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مارئي


:جامع سنڌي لغات ۾

مارئي

مارُئِي

اسم خاص. سنڌ جي هڪ مشهور سيل سَتُر واري عورتُ. عمر ۽ مارئي جي قصي جي سورمي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

مارئي

(Marui)

عمر-مارئي جي مرڪزي عورت ڪردار. شاهه جي سورمي، جنهن کي شاهه عورت جي عظمت، وطن جي حب ۽ قومپرستيءَ جي لاءِ تمثيلي طور بيان ڪيو آهي. مارئي ٿر جي غريب نينگري هئي، جنهن کي عمر (حڪمران) زوريءَ کڻي ويو ۽ لالچون ڏئي شادي ڪرڻ پئي چاهي. پر هن جي انڪار کيس امر ڪري ڇڏيو. شاهه لطيف ڪلاسيڪي شاعرن مارئيءَ جي حب الوطنيءَ واري داستان کي ڳائي کيس حب الوطنيءَ جي علامت بنائي ڇڏيو آهي. هي قصو سومرن جي دور سان منسوب آهي.


وڪي ڊڪشنريءَ مان:


مارئي

مارئي (اسم مونث) مارُن جي ڄائي: سنڌ وطن سان محبت رکندڙ مشهور ڪردار، جنهن سنڌ جي بادشاه عمر سومري جي بادشاهي آڇن کي ٺڪرائي، پنهنجي ۽ مارُن جي لڄ سلامت رکي.


شيخ اياز لغت

مارئي

سنڌ جو ھڪ لوڪ ڪردار، جنھن وقت جي بادشاھه عمر جي آڻ مڃڻ ۽ سون تي سيڻ مَٽائڻ کان انڪار ڪيو ھو.
ڌرتي منھنجي ديس جي، ھاءِ نه ھيڪاندي
اڄ به منھنجي مارئي اڳي جئن ماندي.
(اَڪن نِيرا ڦُليا:139)


Remember Me Also:

جهاٻيرو

اسم خاص. گوني ۽ پني عاقل تعلقن ۾ ديهن جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal