بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Ecoterrorist
ايڪوٽيررسٽ
هي سياسي دهشتگرديءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ ڪو به فرد يا گروهه پنهنجا سياسي مُفاد حاصل ڪرڻ لاءِ، آسپاس جي ماحو ل کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان عمل هيٺ ڪيميائي گئسن کي فضا يا پاڻيءَ جي ذخيرن ۾ زهر ملائڻ، باهه لڳائڻ، ۽ خوراڪ جي ذخيرن کي ضايع ڪرڻ وغيره جهڙا حربا هلائي، اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ دُشمن رياست يا ڌُر بيزار ٿي، دهشتگرد شخص يا گروهه جا مطالبا پورا ڪندي آهي. دُنيا ۾ ”يونا بامبر“، ”چيم سام“ ۽ جيمس جي- لي“ وڏا ماحولياتي دهشتگرد ٿي گُذريا آهن. انهن جي ٽوڙ لاءِ دنيا ۾ ڪيتريون تنظيمون وجود ۾ آيون آهن، جيڪي هاڪاري ماحولياتي جدوجهد ذريعي، پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙين ٿيون . انهن ۾ جانورن جي آزاديءَ جو محاذ (ALF)، ڌرتيءَ جي آزادي جو محاذ (ELF) ’گرين پيس‘ ۽ ڌرتيءَ جو مُڪو (Earth Fist) نالي تنظيمون اهم سمجهيون وڃن ٿيون.
اڻ ڪي
صفت. اَڻ ڪَئي ، نه ڪَيَل ”اَڻ ڪِي عيان نه ٿي، ڪِي پروڙي ڪونه“ شاهه.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal