بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
EIG Environmental Integrity Group
اينوارونمينٽل انٽيگرٽي گروپ
سن 2000ع ۾ قائم ٿيل هڪ ننڍو غير روايتي گروپ جيڪو هاڪاري ماحولياتي تبديليءَ جي مذاڪرات لاءِ قائم ٿيو، جنهن ۾ ميڪسيڪو، ڏکڻ ڪوريا ۽ سئٽزرلينڊ شامل آهن، انهيءَ گروپ ۾ ٻيا ڪيترائي غير جانبدار ماحولياتي بحالي گهرندڙ ملڪ به شامل آهن. گروپ سان لاڳاپيل انهن ملڪن جو مقصد ماحولياتي بچاءَ واري جاکوڙ کي قائم رکڻ ۽ دنيا ۾ وڌندڙ گدلاڻ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ آهي. هن گروپ جڳ مشهور ماحولياتي قاعدي ’ڪيوٽو پروٽڪال‘ ۾ پاڻ کي جائتو نه سمجهندي ان کان ٻاهر نڪري سهڪار پيدا ڪيو . ان گروپ جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار سئٽزرلئنڊ جو آهي ۽ اهو ئي ان جي اڳواڻي ڪري ٿو . ٽنهي ملڪن ماحولياتي تبديليءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ پنهنجي منهن پاليسيون جوڙڻ ۽ اُپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪيو .
چاڙهه
ذ. چاڙهي ، مٿانهين ، مٿانهين زمين. اوچائي ، اُتانهين ، افراط پاڻيءَ جي ، درياءَ جو چاڙهه ، وڌاءُ ڳالهه جو. ٽيڪو ، پُٺڀرائي ، هُشي ، ترغيب ، ڇِڪَ ، تَڻِڪَ زِهه، ڏورِ وغيره کي. ڏَٽو ، رِمارُڪُ ل. ڪپڙي جو ٽُڪر جو تاڪِئي وڍڻ بعد تُرتي ويڙهي ڇڏجي ت.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal