SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


لوھاڻڪو رسم الخط


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

لوھاڻڪو رسم الخط

(Luhanko Script)

اهو رسم الخط، ٺٽي ۽ برھمڻ آباد ۾ لوھاڻا استعمال ڪندا ھئا. ان کي لوهاڻڪو رسم الخط سڏيو وڃي ٿو. ھي سنڌ جو قديم رسم الخط هو، جيڪو اسلام کان اڳ به رائج هو. البيروني (937-1048ع) به پنهنجي ڪتاب ۾ ڀاٽئي ۽ لوهاڻڪي رسم الخطن جو ذڪر ڪيو آهي. ڀاٽيا ۽ لوهاڻڪا رسم الخط ٻئي ٺٽي ۾ وڌيڪ مشهور هئا. ان حساب سان ٺٽي جا لوهاڻا، جيڪو رسم الخط استعمال ڪندا هئا، ان قبيلي جي حساب سان ان کي لوهاڻڪو رسم الخط چيو ويندو هو.هي رسم الخط، اصل ۾ براهمي رسم الخط آهي، جيڪو کاٻي کان ساڄي پاسي لکيو ويندو هو. هن رسم الخط جو ذڪر سر گريئرسن (1851-1942ع) به ڪيو آهي.ان کي ڪراچيءَ جو رسم الخط به سڏيو ويو آهي، اهو انڪري جو شايد اهو لاڙي رسم الخط هو.


Remember Me Also:

ڪٿروٽ

ث. ماني ٺاهڻ ۽ اَٽي ڳوهڻ ۾ ڪم ايندڙ هڪ ٿانءُ جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal