SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


لوڪ شاعري


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

لوڪ شاعري

(Folk Poetry)

ھر ملڪ جي لوڪ شاعريء تي ملڪي حالتن مطابق، اتي جو مڪاني رنگ رچيل ھوندو اھي، ھر ملڪ جي ”لوڪ ادب“ ۾ شاعر يا انھيءَ موجد جي شخصيت عدم موجود ھوندي اھي. لوڪ شاعريءَ ۾ ڪا بھ ٺاھھ ٺوھھ يا بناوٽ نھ هوندي اھي، ان ۾ تڪلک جي بوءِ به نه هوندي آهي. لوڪ شاعريءَ جي ھر صنف، ادبي ۽ لسانياتي نقطھ نگاھھ کان گھڻو ڌيان ڇڪائي ٿي، سنڌي لوڪ شاعريءَ تي نظر وجھبي تھ ڏسبو تھ سڀني شعبن، شغلن ريتن، رسمن، سورھيائي، سچائي، سخاوت، گھوڙا، ٻيڙا ۽ جانور وغيره ۽ زندگيءَ جا جذباتي پھلو مثلا عشق، حسن، ڏک، درد، جھيڙن جھڳڙن تي عام شاعرن پنھنجا شعر لکيا آهن. سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن جي دفتر کي پنهنجي لوڪ شاعريءَ ۾ پوري طرح محفوظ ڪيو اھي. سنڌي لوڪ شاعريءَ جو دائرو تمام وسيع ۽ ڪشادو اھي. ان ۾ مختلف صنفن جي ايتري گھڻائي اھي، جنھن جو دنيا جي ٻين ملڪن جي لوڪ ادب ۾ مثال ملڻ مشڪل اھي.


Remember Me Also:

سرکو

ذ. صفت. جهڙو ، وانگر ، طرح ، گهاءِ ، جيهو ، جنسي. موافق. هِڪَ جيڏو ، جِيسُ ، جيڏو ، نظير ، ثاني ، مَٽ. برابر. ساڳئي قسم جو. سنئون ، ليول ۾ ، پورو ، ساڳي سنوت تي. اٽڪل ، قريبا ، ڪنهن جي شان وٽان سَمَ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal