بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Locarno Pacts
لوڪارنو پيڪٽس
سئٽزرلئنڊ جي ڳوٺ لوڪارنو ۾ 5 کان 16 آڪٽوبر 1925ع تي ننڍا وڏا ست ٺاهه ڪيا ويا. انهن ٺاهن ۾ بيلجيم، پولئنڊ، فرانس، چيڪوسلواڪيه، اٽلي، جرمني ۽ برطانيا سميت مُختلف مُلڪن حصو ورتو. هنن ٺاهن جو خاص مقصد فرانس، جرمني ۽ بيلجيم جي سرحدن تي امن جي ضمانت ڏيڻ هُئو. هنن ٺاهن ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پنهنجي بچاءَ کان علاوه فرانس ۽ جرمني ڪڏهن به هڪٻئي خلاف طاقت جو استعمال نه ڪندا ۽ جرمنيءَ طرفان سندس علائقي ”رائين لينڊ“کي دفاعي طور مضبوط نه ڪيو ويندو. هنن ٺاهن کان پوءِ جرمني ”قومن جي مجلس“ ۾ شامل ٿيو، پر بعد ۾ ’ايڊ الف هٽلر‘ جي نازي حُڪومت لوڪارنو ٺاهن تي عمل ختم ڪري ڇڏيو
رنگ روپ
ذ. رنگ روغن ، شڪل شبيهه ، حُليه ، صوُرت ، مُنهن مُنهانڊو. حُسن جمالُ ، سونهن ، سوڀيا ، چَمڪ دَمڪ ، زِينتَ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal