
بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Concentration Camps
ڪنسنٽريشن ڪيمپس
هي هڪ قسم جو قيد خانو ٿيندو آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري لوڙهي اندر ڪيئي جايون هونديون آهن. هن قسم جي چوديواريءَ ۾ سياسي قيدي تمام بڇڙين حالتن ۾ رکيا ويندا آهن. هي لفظ پهريون دفعو ڏکڻ آفريقا ۾ هلندڙ بوئرجنگ (1899 کان 1902ع ) دوران استعمال ڪيو ويو. جڏهن انگريزن ڊچ نسل جي بوئرن کي ۽ سنڌ ۾ حُرن کي انهيءَ قسم جي واڙن ۾ بند رکيو. جرمنيءَ ۾ هٽلر جي نازي حڪومت سياسي مخالفن ۽ يهودين کي به ان قسم جي قيدي واڙن ۾ ڳاهٽ ڪري ايذاءُ ڏنا. دنيا ۾ اڄ به رجعت پسند حڪمران ۽ آمر پنهنجن مخالفن کي آمريت جي مخالفت بند ڪرائڻ، ڏوهه باسرائڻ يا سياست تان هٿ کڻائڻ لاءِ اهڙن هنڌن تي بند ڪري رکندا آهن، جتي قيدين مٿان ايذاءَ جا نت نوان اوزار ۽ طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن. دنيا ۾ موجود ڳجها ادارا هن ڏس ۾ ڪافي بدنام سمجهيا وڃن ٿا.
چنچل
ذ. صفت. سن. چَنچَل هڪ هنڌ بهي نه سگهندڙ ، اڌير. ڦِرندڙ گهِرندڙ. ٻه چِتو. اُڻ تُڻ وارو. بي وفا ، بي اعتبار. شڪي. حرڪتي ، ائنٿڙو. البيلو ، لاڏِلو ، دادلو. بي قرار. خوش طَبع. نَچڻو ٽَپڻو. هاٿِي.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal