بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Consulate
ڪانسيوليٽ
ڪنهن به رياست طرفان ٻيءَ رياست جي ڪنهن اهم شهر ۾ پنهنجي شهرين ۽ قومي مفادن جي لاءِ مُک سفارتخاني کان سواءِ ٻين هنڌن تي کوليل دفتر کي ”قونصلخانو“ سڏجي ٿو. هن قسم جي سفارتي آ فيسن ۾ ويزائون جاري ڪرڻ کان سواءِ ٻيا انتظامي ڪم ڪاريون، تقافتي، تعليمي ۽ سماجي سرگرميون به منقعد ڪرائي سگهبيون آهن. ڪنهن به ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ سميت سندس اهم شهرن ۾ کوليل سڀ قونصلخانا، انتظامي طور مک ۽ با اختيار سفير جي ماتحت ڪم ڪندا آهن، ۽ سونپيل سرڪاري ڪم کان سواءِ، سفارت خاني جي علاقائي دفتر طور ذميواريون ادا ڪندي، سفارت خاني طرفان ڏنل سياسي ۽ معاشي هدايتون بجا آڻيندا آهن. اڄوڪي دور ۾ عام طرح سان ”قونصلخانا“ پنهنجي ملڪ جي واپار، ايڪسپورٽ ۽ ڪاروباري معاملن ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ سان گڏ ترقياتي رٿائن ۾ اڳڀرائيءَ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. عام طور قونصلخاني جي سربراهه کي ”قونصل“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، البت اهم ترين ۽ وڏن شهرن ۾ قائم ٿيل اهڙن دفترن جي ”قونصل جنرل“ جي نالي ۾ وڌيڪ سينيئر آفيسر سربراهي ڪندو آهي. ان کان علاوه ڪن هنڌن تي مهمان ملڪ جي ڪنهن باشندي کي سفارتخاني طرفان ”اعزازي قونصل“ به مقرر ڪيو ويندو آهي، جيڪو محدود معاملن ۾ مليل هدايتن تحت پنهنجون سرگرميون ادا ڪري سگهندو آهي. ننڍن سفارتخانن ۾ ”قونصل“ سفارتڪار کا پوءِ ٻئي نمبر جي عهدي تي هوندو آهي ۽ کيس نائب سفير طور به ڳڻيو ويندو آهي
کو رو
ذ . ع . ڪورو ، ڪوره سِرن يا چن پچائڻ جو بٺو. شراب جي بٺي ، بٺو. ڌنوڻ جي منهن ۾ ٽانڊن کي تيار ڪرڻ لاءِ کنيل ننڍي کڏ ، لوهه کي تپائڻ لاءِ مٽيءَ جو ٺهيل ننڍو ٽڀتائون گهر. اُهرڻ جي بيهڪ ، چلهو. لوهار ڪي ڪم ڪرڻ جي چلهه جنهن ۾ لوهه، پتل وغيره تپائجي ۽ رجائجي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal