بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Facebook Diplomacy
فيس بوڪ ڊپلوميسي
2008ع ۾ فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر جهڙن رابطائي سرشتن جي ايجاد ٿيڻ سان عالمي سطح تي سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي وچ ۾ واسطيداريون تمام گهڻيون وڌي ويون، ان کان علاوه عوامي دلچسپيءَ ۽ ونڊ ويچار سبب عالمي شخصيتن جا رايا عالمي عوامي راءِ تي پڻ اثرانداز ٿيڻ لڳا . آمريڪي صدر براڪ اوباما ان سهولت جو استعمال پنهنجي صدارتي چونڊن واري مهم دوران زبردست طريقي سان ڪيو . ان مثال کي دنيا جي ٻين سفارتڪارن به اختيار ڪيو ۽ عالمي سطح تي پنهنجا موقف بيان ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي . جيتوڻيڪ دنيا ۾ ٻيون به تمام گهڻيون ويب سائيٽون آهن ، پر پنهنجي وسيع سرشتي جي ڪري فيس بڪ سڀني کان اڳڀري آهي . هن اصطلاح جو اصل مقصد سماجي رابطن جي هن نرم سگهه (Soft Power) ذريعي غير جمهوري حڪومتن ۽ دهشتگرد ٽولن خلاف عالمي عوامي راءِ کي سگهارو ڪرڻ ۽ ڀائيچارو وڌائڻ آهي .
ڦٽ
ث. سن. سڦِٽُ ، ڌڪارڻ. نفرت ظاهر ڪندڙ لفظ. ڌڪار ، ڦٽڪار. ملامت ، جٺ ڦٺ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal