(Religious Literature)
فقهه مان مراد آهي دين جو علم، مذهبي قانون، ’فقيهه‘ ان کي چئبو آهي، جيڪو فقهه جو ڄاڻو هجي. مذهبي، ديني ادب ۾ تخليق ٿيندڙ علم و ادب کي ’فقهي ادب‘ چئبو آهي. سنڌي ۾ فقهي ادب جي تمام وڏي تاريخ آهي. فقهي ادب سنڌ ۾ خاص طور تي ڪلهوڙن جي دور ۾ عروج تي پهتو ۽ مدرسن ۾ پڙهائجڻ شروع ٿيو. ان کان پوءِ هن علم تمام گهڻي ترقي ڪئي. مخدوم ابوالحسن سن 1703ع ۾ ’مقدمة الصلوٰت‘ لکيو، جنهن ۾ نماز جا فقهي مسئلا نظم ۾ ڏنل هئا. ان سلسلي ۾ عربي-سنڌي رسم الخط ايجاد ٿي. اها هڪ تحريڪ جي صورت ۾ هلي، لکندڙ ڪتابن کي ’سنڌيون‘ سڏيو ويو. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله نرئي، عبدالرحيم گرهوڙي، مخدوم محمد ابراهيم ۽ ٻيا وڏا ليکڪ هئا. ٽالپرن جي دور تائين فقهي ادب عروج تي پهتل هو. انگريزن جي دور ۾ نثري ادب ۾ ڪتاب لکيا ويا. آزاديءَ کان پوءِ فقهي ادب گهڻي ترقي ڪئي آهي. فقيه ادب ۾ شرعي مسئلا، روزو، نماز، حج، زڪوٰت، قرباني، شڪار، طلاق، شادي، مرڻو، پرڻو وغيره جا ديني مسئلا اچي وڃن ٿا. سنڌي زبان ۾ ڊاڪٽر يار محمد ’سنڌيءَ ۾ فقهي تحقيق جي ارتقا‘ جي عنوان سان ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي. سندس ڪتاب کي شايع ڪيو آهي.
خنڪي
ث. ٿڌائي ، ٺارُ ، سردي. خُنڪار. وڏائي ، آڪر. بي پرواهي. کڙائي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal