بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Lebensram
ليبنسرم
”ليبنسرم“جرمن ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”گهارڻ لاءِ گَهر“(Livining Space) آهي، پر سياست ۾ هي اصطلاح ڪنهن به مُلڪ جي گهٽيل وسيلن ۽ وڌندڙ آباديءَ لاءِ وڌيڪ علائقو ۽ وسيلا هٿ ڪرڻ آهي. هي اصطلاح نازي نظريي جي همدرد جنرل ’هاشوفر‘ ۽ انهيءَ جي ساٿين Institute of Geopolitics in Munich ۾ تحقيق ڪندي سامهون آندو. پر ’ايڊالف هٽلر‘ هن اصطلاح کي ڪافي مشهور ڪرايو. هن نظريئي کي ”دنيا جي دِل“ (Heartland) واري نظريي ۽ وچ ۽ مشرقي يورپ تي نازي جرمنيءَ طرفان قبضو ڪرڻ جي ترڪيب ۽ ٽَلَ سان به جوڙيو وڃي ٿو. هٽلر پنهنجي ڪتاب Mein Kampf ۾ هن نظريي کي ذهن ۾ رکندي ڄاڻايو آهي ته اوڀر يورپ تي قبضو ڪرڻ سان ٻين ملڪن تي به جرمنيءَ کي حڪومت ملي سگهي ٿي، بلڪ اهي ملڪ پاڻ جرمنيءَ کي اهڙي ”رضاڪارانه قبضي“ جي دعوت ڏيندا. جيئن ته هٽلر جي شروعاتي ڏينهن ۾ جرمني وڌندڙ آبادي ۽ کاڌ خوراڪ جي گهٽتائيءَ جهڙن مسئلن کي منهن ڏيئي رهيو هيو، ان ڪري ”ليبسنرم“ تحت جرمنيءَ جي ماڻهن کي ٻين ملڪن ۾ آباد ٿيڻ لاءِ جڳهه ۽ گذران لاءِ سندن وسيلن جي ضرورت هئي. جرمنيءَ طرفان چيڪوسلويڪيا تي قبِضي ۽ پاڙيسرين سان هٿچراند پُٺيان اهو ئي محرڪ هو
رقبه
ذ. [ع] ايراضي ، پکيڙ. زمين جو ٽڪر. پسگردائي واري زمين.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal