بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Pan Grermanism
پين جرمنزم
يورپ جي جرمن ڳالهائيندڙ علائقن ۾ هلائي ويندڙ هن تحريڪ جو خاص مقصد هيو، ته پهرئين مرحلي ۾ جرمن ٻولي ڳالهائيندڙ سڀني باشندن کي هڪ ئي جهنڊي هيٺ آندو وڃي. هن تحريڪ جو ٻيو مقصد مشرقي يورپ جي علائقن تي قبضو ڪري، اتان جي ملڪن کي پنهنجون بيٺڪيتون بنائڻ ۽ جرمنيءَ جي دشمنن کي منهن ڏيڻ لاءَ هڪ مضبوط سامونڊي فوج تيار ڪرڻ هو. هيءَ تحريڪ يهودين جي سخت خلاف هئي. هن تحريڪ جو فائدو وٺندي، هٽلر ڪيترائي نسل پرست نظريا ڏنا. جرمنيءَ ۾ نازي تحريڪ کي Pan Germanism جي نظريي تمام گهڻي هٿي ڏني. هن تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ايران کان وٺي سڀني آريائي نسل جي قومن کي متحد ڪري، ”عظيم آريائي سلطنت“ وجود ۾ آڻڻي هئي. ان ڏس ۾ آريائي نسل جي قومن وچ ۾ رابطن ۽ مواصلات سميت سڀني سرشتن کي وڌائڻو هو.
لمڻ
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal