SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عرب معاشي ترقياتي ابُو ظهبي فنڊ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


عرب معاشي ترقياتي ابُو ظهبي فنڊ

Abu Dhabi Fund for Arab Economic Development ADAFAED

ابُو ڌابي فنڊ فار عرب ايڪنامڪ ڊيولپمينٽ

ابوظهبي جي حڪومت طرفان قائم ڪيل فنڊ، جيڪو آفريقا ، عرب ۽ ايشيا جي اُسرندڙ ملڪن ۾ سيڙپڪاريءَ ۽ رعايتي قرضن جي فراهميءَ ذريعي انهن ملڪن جي معاشي ۽ سماجي ترقيءَ کي هٿي وٺرائي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ خانگي ادارن ۽ حڪومتن کي امداد ۽ ڏيتي ليتيءَ جي مُوڙيءَ (Equity) لاءِ گهربل رقم ڏني وڃي ٿي . اهو فنڊ جولاءِ 1971ع ۾ قائم ڪيو ويو، جڏهن ته انهيءَ فنڊ سيپٽمبر 1974ع کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن مهل تائين ADAFAED طرفان 50 ملڪن جي سهائتا ڪئي وئي آهي . انهيءَ اداري جو مرڪز ابوظهبي ۾ آهي. تازو ئي فنڊ طرفان سُوڊان ۾ 70000 ايڪڙ زرعي زمين خريد ڪري ، اُتي مرچن ، مڪئي ۽ جانورن جي چاري جا فصل اپائڻ جون رٿائون تيار ڪيون ويون آهن


Remember Me Also:

حرامزادو

ذ. صفت. حرام جي نُطفي مان ڄاولُ ، زنا مان پيدا ٿيل. حرامي ، بي نڪاحو ، ولَدُ الزنا. بدمعاش ، ڪميڻو ، لچو ، لوفر ، فسادي. ث. حَرامِزادي جمع حَرامِزادِيُون.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal