
بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
League of Arab States LAS
ليگ آف عرب اسٽيٽس
هيءَ تنظيم قاهره ۾ عرب رياستن جي وچ ۾ ٿيل عهدنامي (5 مارچ 1954ع) ۽ گڏيل بچاءَ جي معاهدي (1959ع) جي نتيجي ۾ عمل ۾ آئي، جنهن جي بُنيادي مول متن ۾عربن جي گڏيل ثقافتي ورثي ۽ مُفادن جي تحفظ تي زور ڏنو ويو آهي. هيءَ تنظيم عرب رياستن جي اندر ثقافت، سماجي معاملن، مواصلات ۽ سفر کانسواءِ معاشي ۽ سياسي پهلوئن تي تعاون ۾ واڌارو آڻڻ لاءِ قائم ٿي، سندس هيڊڪوارٽر قاهره ۾ آهي. 22 مستقل ميمبرن ۽ 4 مُبصرن تي ٻڌل هن تنظيم ۾ الجيريا، بحرين، مصر، عراق،ڪوموروس، جبوتي، اُردن، ڪويت، لبنان، لبيا، ماريطانيه، مراڪش، اومان، قطر، سعودي عرب، صوماليه، سوڊان، فلسطيني اٿارٽي، تيونس، عرب امارات، يمن شامل آهن
خواه
صفت. [ف. خواستن = گهرڻ] گهرندڙ ، گهورو ، چاهيندڙ ، طلبگار ، طالبو ، خواهشمند. مرڪبات جي آخر ۾ ڪم ايندڙ لفظ؛ جيئن ”خيرخواهه، بدخواه وغيره“. حرف جملو يا ، يا ته ، توڙي ، توڻي. پڻ. چاهي ، ٻيءَ حالت ۾ ، نه ته ، ٻنهي مان هڪڙو؛ جيئن ”فلاڻو خواهه فلاڻو“.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal