(Comedy)
ڊرامي جو هڪ قسم. طربيھ/مزاحيه ڊرامي جي پڄاڻي خوشيءَ سان ٿيندي اھي ۽ ان جو وڏو مقصد تفريح مھيا ڪرڻ هوندو اھي. حقيقت ۾ طربيه ڊرامو زندگيءَ جي تقليد ڪري ٿو ۽ رسم و رواج جي عڪاسي ڪري سچائيءَ جو اولڙو اڇلي ٿو. طربيھ ڊرامي جي ظرافت جو دارومدار ڪنھن وقت، موقعي يا ڪنھن صورتحال تي يا ڪنھن مھل واري معنيٰ خيز مڪالمي تي ھوندو اھي. مزاحيه ڊراما اصل ۾ طربيه ڊراما هوندا آهن. طربيھ ڊرامو دل کي خوش بھ ڪري ٿو تھ وري دل ازاري بھ ڪري ٿو، ڇو جو ھڪ مزاحيھ ڊراما نگار نھ رڳو پنھنجي اسپاس جي انھيءَ حقيقت کي قبول ڪري رھيو اھي، بلڪھ اھو بھ ٻڌائي ٿو تھ ڇا نھ ٿيڻ گھرجي. ان حساب سان سندس ڊرامو زندگيءَ جي تنقيد واري رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو. تنقيد سان گڏوگڏ ھو محسوس ڪري ٿو تھ زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ ڏک وڌيڪ اھن، ان ڪري ھو پنھنجي زندگيءَ جو مقصد اھو ٿو رکي تھ اداس چھرن کي پائدار خوشي ڏجي. الميه ڊرامي جي برعڪس ھن ڊرامي جي پڄاڻي خوشگوار ۽ وڻندڙ ماحول ۽ فضا ۾ ٿيندي اھي. طربيھ ڊرامي ۾ وڏن ماڻھن جو ھجڻ ضروري نھ ھوندو اھي. بلڪھ ڪير بھ ھن ڊرامي جو مرڪزي ڪردار ٿي سگھي ٿو.
ساهه ورڻ
دلجاءِ ٿيڻ ، آٿت اچڻ ، دلداري اچڻ ، تسڪين اچڻ ، فرحت اچڻ ، آرام اچڻ ، سرهو ٿيڻ ، خوش ٿيڻ. اميد ڪرڻ. غم دور ٿيڻ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal