(Stream of Consciousness)
نفسياتي اصولن جي بنياد تي هن اصطلاح کي سڀ کان پهرين 1908ع ۾ وليم جيمز (1842-1910ع) استعمال ڪيو. هينري جيمز (1843-1916ع) ، وليم فاڪنر (1897-1962ع)، ورجينيا وولف (1882-1941ع) ، جميز جوائيس (1882-1941ع) وغيره پنهنجي ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ هن لاڙي کي ادب ۾ رائج ڪري ڇڏيو. هن ٽيڪنڪ جي ذريعي اندروني ۽ داخلي تجربن کي بيان ڪيو ويندو آهي. انساني لاشعور ۾ سوچن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو هوندو آهي. انهن بي ترتيب سوچن کي جيڪي هڪ وهڪري جي شڪل ۾ هونديون آهن انهن جي جيئن جو تيئن ڪيل اظهار کي “شعور جو وهڪرو” سڏيو ويندو آهي. هن ٽيڪنڪ ۾ اڪثرتخليقون ضمير متڪلم (First Person) ۾ هونديون آهن. سنڌي افسانوي ادب ۾ سڀ کان اول آغا سليم هن لاڙي تحت لکيو. ان کان پوءِ جديديت واري دور ۾ ماڻڪ، مشتاق شوري، شوڪت شوري، مدد علي سنڌي، نور گهلو، ڪيهر شوڪت ۽ ڪن ٻين هن قسم جون ڪهاڻيون لکيون.
دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:
Clouding of consciousness
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal