
ميڊيڪل (طب) جي ڊڪشنريءَ مان :
سُڄڻ )سوڄ، ٿوٿر)
oedima, swelling
سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:
S सज॒णु s. m.
A friend, a love, one beloved, sweetheart, benevolent person, a well wisher, a fondling.
S सुज॒णु v. n.
part सूणो سُوڻو To be swollen, swell. L To be heard.
Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.
سَڄَڻُ جمع سَڄڻَ
ذ. [سن. سَجَن = دل گهريو] دل گهريو ، دلبر ،محبوب ، دلدارُ ، گهرو دوست ، ساجن ، ڍولڻ ، معشوق ، پرين ، يارُ. ڏک ونڊيندڙ. نيڪ ماڻهو. گهڻ گهرو. اسم خاص. تعلقي ٽنڊي باگي ۽ تعلقي ڊگهڙي ۾ هڪ ديهه جو نالو.
سُڄَڻُ
مصدر. [سن. سُوَٿ < شُو = وڌڻ] ڌڪ يا ڦٽ جو ٿوٿرڻ ، ٿوٿرجڻ ، اَماسجڻ ، آپرجڻ ، ڀرجڻ ، سوڄ چڙهڻ ، اُڀري اچڻ. ڦوڪجڻ ، ڪاوڙجڻ ، منهن ۾ شور وجهڻ ، ڦنڊجڻ.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
اعرابن سان:سُڄَڻُ
سُڄَڻُ: ]مص - فعل لازمي[ ڌَڪَ يا ڦَٽَ جو ٿَوٿَـرَڻُ، ٿوٿِرجَڻُ، اُماسِجَڻُ، اُڀامَڻُ، آڦِرجَڻُ، ڀَرجَڻُ، سوڄ چَڙَهَڻُ، اُڀرِي اَچَڻُ
* ]سن: شُوَٿ < شُو = وَڌَڻُ؛ هند: سوجنا[
* ڦُوڪِجَڻ، ڪاوَڙِجَڻُ، مُنهَن ۾ شورُ وِجَهڻُ، ڦُنڊِجَڻُ
* ٿُلهو ٿِي
اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)
سنڌي : سڄڻ
سرائڪي سنڌي لغت سَڄڻ/سَڄڻ
]صفت[ خيرخواهه، دوست، مائٽ
* پيارو، عاشق
سنڌي : سڄڻ
سرائڪي سنڌي لغت سُڄَڻ/سُڄَڻ
]فعل لازمي[ سـُڄڻ، اُڀرڻ، ٿلهو ٿيڻ، ڀرجي وڃڻ(سڄدا، سڄيا، سڄسی)
سرائڪي : سڄڻ
سرائڪي ۽ سنڌي: سَڄڻ/سَڄڻ
]صفت[ خيرخواهه، دوست، مائٽ
* پيارو، عاشق
سرائڪي : سڄڻ
سرائڪي ۽ سنڌي: سُڄَڻ/سُڄَڻ
]فعل لازمي[ سـُڄڻ، اُڀرڻ، ٿلهو ٿيڻ، ڀرجي وڃڻ(سڄدا، سڄيا، سڄسی)
سڄڻ سان لاڳاپيل لفظ
.
سڄڻ بابت وڌيڪ اصطلاح
.
سڄڻ لفظ جو عام استعمال
تندو، تندو
ذ. اهو رسو جنهن ۾ گهڻا ٻاڪرا ڦرڙا ٻڌجن هن رسي ۾ هڪ ٻن فوٽن بعد هڪ ’ڳراهو‘ هوندو آهي، جو ڦَر جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏبو آهي؛ اهڙيءَ طرح هڪ تند جي ڊيگهه ۾ ويهه يا ٽيهه ڦر سلهاڙي سگهجن. ڪِرڙ جي ڪاٺيءَ وغيره ۾ پُوتل کُنڀيون. ڏور ۾ پُوتل مَڇيون. ٽولي چورن جي.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal