بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Erga omens
ايرگا اومنس
سفارتڪاريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ هن لاطيني ٻوليءَ جي اصطلاح ذريعي، دُنيا جي هر قوم تي ڪن معاملن ۾ قانوني ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ زور ڏنو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهڙا معاملا ڪنهن هڪ ملڪ يا ڌر کي فائدو/نقصان ڏيندڙ نه پر سموري انساني برادريءَ لاءِ اهم هوندا آهن. مثال طور: ماحولياتي گدلاڻ ۾ واڌ ياگهٽتائي، انساني حقن جو احترام يا لتاڙ ۽ هڪٻئي جي جاگرافيائي حدن جو احترام/ اورانگهه، ڪنهن هڪ رياست تي نه، پر پوري بين الاقوامي برادريءَ تي اثر انداز ٿيندي آهي . تنهنڪري اجتماعي عالمي ۽ انساني معاملن تي ذميواريءَ ڀريي رويي اختيار ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.
ريسارو
ذ. صفت. سن. اِيرشا + آڻو. رِيسَ ڪندڙ ، چَڙَهَت ڪندڙ ، مُقابلو ڪندڙ ، برابري ڪندڙ ، رَقِيبُ ، هَمسَرِي ڪندڙ. حاسِدِي ، ڏائِڻُ ، رَقِيبُ ، اَغيارِي ، ساڙيلو ، حَسدُ رَکندڙُ ، ساڙَ وارو ، کامَ کاڌو ، اِرکائُو ، ساڙي کاڌو.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal