
بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Civil Disobedience
سِول ڊس اوبيڊينِس
ڪنهن به جدوجهد دوران انفرادي يا اجتماعي سطح تي، شعوري طور قانون جي ڀڃڪڙي يا لتاڙ جو عمل، جيڪو عدم تشدد وارن طريقن جي استعمال سان ڪنهن به تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هي لفظ پهريون ڀيرو نامياري مُفڪر ”هنري ڊيوڊ ٿوريو“ 1849ع ۾ ڏنل هڪ ليڪچر ۾ متعارف ڪرايو، جيڪو حُڪومتي ضابطن خلاف شهري احتجاج جي منظرڪشيءَ لاءِ ڪتب آندو ويو. ”ٿُوريو“ جي خيال موجب، بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ ”غير اخلاقي قانون سازيءَ“ خلاف جاکوڙڻ ضمير سان سچائيءَ جو هڪ اعليٰ اظهار آهي. چيو وڃي ٿو ته ”ٿوريو“ جو هيءُ تصور اصل ۾ برطانيا جي نامياري فيلسوف ۽ عالم گرين ول شارپ (Granville Sharp) طرفان 1770ع ۾ آمريڪي آزاديءَ واري جدوجهد دوران، برطانوي فوجي چڙهائيءَ جي مُخالفت ۾ احتجاج طور پنهنجي جنگي عُهدي تان استعيفا ڏيڻ واري عمل کان مُتاثر ٿيندي وجود ۾ آيو. ان کان علاوه 1947ع ۾ هندوستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۽ 1949ع ۾ ”آفريقي نيشنل ڪانگريس“ طرفان ڏکڻ آفريقا ۾ اختيار ڪيل پر امن سياسي، حڪمت عملي، ”سول نافرمانيءَ“ واري تصور جي بهتر عڪاسي ڪري سگهن ٿا. هن طريقئه ڪار ۾ پر امن جلسا، جُلوس ، هڙتالون، حُڪومتي قانون جي ڄاڻي واڻي اورانگهه ، ڌرڻا ، دستخطي مهمون، عدم تعاون بائيڪاٽ سميت ٻيا قدم شامل آهن، جيڪي ڪنهن به اختياريءَ کي امن ڀريي دٻاءَ جي نتيجي ۾ عوامي مطالبن آڏو ڪنڌ نوائڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. ”شهري نافرماني“ قانون جي لتاڙ جي وڪالت نٿي ڪري، پر اها سرگرمي متڀيد تي بيٺل قانونن جي منسوخي، ۽ غير قانوني قدمن جي روڪ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي