
سُوَرَ جمع سُوَرَ
ذ. سُوئَر جانور ل. ذ. صفت. [س = چڱو + وَرُ = مڙس] ڀاڳيو ، مڙد ، سُکيو ماڻهو ، شاهوڪار ، آسودو ، خوشحال.
سُورَ جمع سُوروُن
ث. قرآن شريف جو هڪ ڀاڱو يا ٽُڪر ، سُورة ، سورت.
سورَ
اسم خاص. ڪوهستان ۾ رهندڙ ماڻهن جي هڪ قبيلي جو نالو. تعلقي ديري محبت ۽ تعلقي ماتليءَ ۾ هڪ ديهه جو نالو.
سُورُ جمع سُورَ
ذ. [سن. شُول = تڪليف] تڪليف ، درد ، ايزاء ، ڏُک ، پيڙا ، رنج. جاکوڙ ، ڪشالو ، ڪشت. افسوس ، ارمان ، غم ، الم. ٻار ڄمڻ وقت عورت کي ايندڙ ايذاءُ. بلڪل سُهڻو ، گُلُ. ذ. صفت. صاف سهڻو. مڪمل طور سهڻو.
سورَ جمع سورُون
ث. حرڪت ، چُرپُر ، ريڙهو ، گسڪو ، کسڪو.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
سُور
سَزا، پيڙجڻ جو عمل، پِيڙَ
سُور سان لاڳاپيل لفظ
.
سُور بابت وڌيڪ اصطلاح
.
سُور لفظ جو عام استعمال
تقليب
ث. [ع. قَلَبَ، تَقِليب = اُبتو ڪرڻ] اونڌو يا اُبتو ڪرڻ جي حالت. لفظ جي حرفن جي اُبتي ڦيرگهير جيئن ته ڪَچ < چَڪ، ڪيس < سيڪ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal